اڳوڻي اداڪارا نيمل خاور به يوٽيوب تي پنهنجو چئنل ٺاهي ڇڏيو

اسلام آباد :ناليواري اداڪار حمزا علي عباسي جي گهرواري ۽ اڳوڻي اداڪارا نيمل خاور به يوٽيوب تي پنهنجو چئنل ٺاهي ڇڏيو.
نيمل خاور آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي پنهنجي هڪ مختصر وڊيو پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هڪ فريم ۾ هوءَ پاڻ، جڏهن ته ٻئي فريم ۾ سندس ٻلي گهر جي لان ۾ کيڏندي نظر اچي رهي آهي.
اڳوڻي اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته اهو اعلان ڪندي پرجوش آهيان ته مان نيٺ فيصلو ڪري پنهنجو يوٽيوب چئنل شروع ڪري ورتو آهي.
هن پنهنجي نالي سان يوٽيوب چئنل ٺاهيو آهي، جنهن تي اڃا تائين ڪا وڊيو اپ لوڊ نه ڪئي اٿائين پر ان باوجود نيمل خاور جي چئنل کي هزارين ماڻهن سبسڪرائب ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔