سنڌ حڪومت جو اعتراض: وزيراعظم ارسا چيئرمين جي مقرري جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف ارسا چيئرمين جي مقرري جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف سنڌ حڪومت جي خدشن تي ارسا چيئرمين ظفر محمود جي مقرري جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا جڏهن ته نئين ارسا چيئرمين جي مقرري جو عمل به روڪي ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس طرفان ارسا چيئرمين جي مقرري جي سمري واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.

وزيراعظم گذريل ڏينهن گريڊ 22 جي رٽائرڊ آفيسر ظفر محمود کي ارسا چيئرمين مقرر ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ارسا چيئرمين جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.

ٻئي پاسي آبپاشي کاتي سنڌ جي وزير ڄام خان شورو به وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو. آبپاشي جي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو يقين ڏياريندي چيو هو ته ظفر محمود جي بطور ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔