سينيٽ ضمني چونڊون: پيپلز پارٽي جا 4، (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ جو هڪ هڪ سينيٽر چونڊجي ويو

اسلام آباد: سينيٽ جي 6 سيٽن تي ضمني چونڊن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جا 4، جڏهن ته مسلم ليگ(ن) ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سيٽ کٽي ورتي آهي.

سينيٽ جي لاءِ بلوچستان اسيمبلي جا 3، سنڌ اسيمبلي جا 2 ۽ اسلام آباد جي هڪ سيٽ تي پولنگ ٿي، اسلام آباد، بلوچستان ۽ سنڌ مان سينيٽ جي سيٽن لاءِ ضمني چونڊ تي پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي ٿي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي.

اسلام آباد جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو يوسف رضا گيلاني 204 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار الياس مهربان کي 88 ووٽ مليا.

سينيٽ جي هڪ سيٽ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي 301 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. قومي اسيمبلي جي 9 ميمبرن جا ووٽ رد قرار ڏنا ويا.  

سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي 2 سيٽن لاءِ گڏيل طور تي 124 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، بلوچستان مان سينيٽ جي ضمني چونڊ جي لاءِ 61 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سيف الله ڌاريجو 58 ۽ اسلم ابڙو 57 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويا.

بلوچستان اسيمبلي مان پيپلز پارٽي جو اميدوار ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو 23 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، مسلم ليگ(ن) جي مير دوستين ڊومڪي 17 ووٽ حاصل ڪيا، جي يو آءِ جو عبدالشڪور 16 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔