ايل پي جي گهڻي هجڻ باوجود قيمتن ۾ اضافو غير قانوني آهي: اوگرا

اسلام آباد: ايل پي جي ذخيره اندوزي جي خلاف آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي اوگرا حرڪت ۾ اچي وئي آهي.

اوگرا جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايل پي جي ماليڪيولز جو ملڪ ۾ وڏو ذخيرو موجود هجڻ جي باوجود ايل پي جي قيمتن ۾ اضافو غيرقانوني آهي. ايل پي جي قيمتن ۾ مصنوعي اصافي جو بنيادي سبب ايل پي جي گيس جي غيرقانوني ذخيره اندوزي آهي

عمران غزنوي چيو ته ڪجهه بدديانت عناصر مصنوعي کوٽ پيدا ڪري صارفين تائين ايل پي جي پهچ مشڪل بنائي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ قيمت وصول ڪئي پئي وڃي. اوگرا مصنوعي کوٽ جي حوالي سان صوبائي چيف سيڪريٽري کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

عمران غزنوي چيو ته مقامي حڪومتون صارفين تائين مقرر قيمتن تي ايل پي جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اوگرا جي انفورسمنٽ ٽيمون پهريان ئي ملڪ ۾ مناسب اسٽاڪ جي موجودگي ۽ مقرر قيمتن لاڳو ڪرڻ جي لاءِ فيلڊ ۾ مصروف آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔