واٽس ايپ چيٽ سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جون تياريون

واشنگٽن : واٽس ايپ ۾ هڪ ڪارائتي فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن کي چيٽس جي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائيندو.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورجن ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ چيٽ ڪيپشن فيچر جو واڌارو ڪيو ويو آهي.جئين نالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن فيچر بابت واهپيدارن کي ڄاڻ هوندي ته ميٽا جي ملڪيت ميسجنگ ايپ ۾ سندن ڳالهه ٻول انڪرپٽڊ ٿيندي.يعني اِها چيٽ رڳو موڪليندڙ ۽ رسِيو ڪندڙ کي ڏسي، پڙهي ۽ ٻڌي سگهندو ۽ ڪمپني سميت ڪنهن کي ان تائين رسائي حاصل نه هوندي.هونئن تي ڪمپني طرفان ورهين کان اِها ڳالهه ورجائي ويندي آهي واٽس ايپ واهپيدارن جي چيٽس اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ هوندي آهي، پر هاڻ هن فيچر ذريعي کين مڪمل خاطري ڪرائي وئي آهي.هتي اِها ڳالهه پڻ ياد رکڻ گهرجي ته اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ وارو ڪيپشن چيٽ اوپن ڪرڻ جي ڪجهه سيڪنڊن کانپوءِ گم ٿي ويندو ته جيئن واهپيدار لاسٽ سين جا تفصيل به ڄاڻي سگهن. فلحال هي فيچر بيٽا ورجن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ تمام جلد سمورن واهيپدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔