سعودي پاران غزه ۾ اسرائيلي جارحيت بند ڪرڻ تي زور

رياض : سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ سعودي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غزه ۾ اسرائيلي جارحيت بند ڪرڻ ۽ فلسطيني رياست جي قيام تي زور ڏنو ويو.سعودي ميڊيا موجب سعودي ڪابينا جي اجلاس ۾ سوڊان بحران کي سياسي طريقي سان حل ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو.ڪابينا اجلاس ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته رياض ۾ ٿيندڙ ريٽي ۽ ڊسٽ اسٽريمز تي پهرين عالمي ڪانفرنس عالمي ڪوششن ۾ مدد ڪندي.ٻئي طرف رياض حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بادشاهه سلمان امداد مرڪز واحد ادارو آهي جيڪو ٻاهرين ملڪ عطيو موڪلڻ جو اختيار رکي ٿو.سعودي اسٽيٽ سڪيورٽي ايجنسي جو چوڻ آهي ته شاهه سلمان مرڪز کانسواءِ ٻيو ڪو ادارو عطيو موڪلڻ جو مجاز ناهي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔