عذرا، شرجيل، ناصرشاهه، سردار شاهه، ڄام شورو، لنجار سوڌو سنڌ جي 9 وزيرن قسم کڻي ورتو : 3 صلاحڪار به شامل

ڪراچي : سنڌ ڪابينا ۾ پھرين مرحلي ۾10 مان  9 وزيرن قسم کڻي ورتو، 3  صلاحڪار به مقرر ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي سفارش تي گورنر ڪامران ٽسوري وزيرن جي منظوري ڏني ۽ کين قسم کڻايو، ڪالهه پھرين مرحلي ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو،  ناصر علي شاھه،  شرجيل انعام ميمڻ، سردار شاهه، سعيد غني،  سردار محمد بخش مھر، علي حسن زرداري،  ضياءُ لنجار ۽ ڄام خان شورو قسم کنيو، جڏهن ته بابل خان ڀيو، نجمي عالم ۽ احسان مزاري کي صلاحڪار طور ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو، سرڪاري ذريعن موجب ميرپورخاص مان چونڊيل ايم پي اي ذوالفقار شاھ پڻ ڪابينا ۾ شامل ٿيڻو ھو، جيڪو اسلام آباد ۾ ھجڻ سبب قسم  کڻي نه سگهيو ، ھوڏانھن  سي  ايم ھائوس جي ترجمان جو چوڻ آھي ته ڪابينا ۾ شامل ٿيل وزيرن مان سردار علي شاھ کي تعليم ۽ معدنيات،  ڊاڪٽر عذرا پيچوھو کي صحت ۽ پاپوليشن  ويلفيئر ( آبادي جي ڀلائي)،  ناصر شاھ کي توانائي ۽ رٿابندي.  شرجيل انعام ميمڻ کي ايڪسائيز ۽ ٽرانسپورٽ ،سعيد غني کي مڪاني ادارا ۽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ، محمد بخش مھر کي زراعت ۽پرائيس ڪنٽرول،  اسپورٽس  ۽ يوٿ افيئرز ۽ اينٽي ڪرپشن،  ڄام خان شورو کي آبپاشي ۽ خوراڪ، علي حسن زرداري کي جيلن جا مامرا،  ضياءُ لنجار کي گھرو کاتو، قانون، پارلياماني مامرا  وارا قلمدان ڏنا ويا،  جڏھن ته ذوالفقار شاھ کي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو قلمدان سونپيو ويندو،  صلاحڪار طور ڪابينا ۾ شامل الله بخش ڏنو خان عرف بابل ڀيو کي جھنگلي جيوت ۽ ٻيلو کاتو، احسان مزاري کي بين الصوبائي رابطا ۽ نجمي عالم کي چوپايو  مال ۽فشريز، ڪچي آبادي  جا قلمدان ڏنا ويا آهن، وزيرن جي قسم کڻڻ واري تقريب جي ڪارروائي سنڌ جي چيف سيڪريٽري  ڊاڪٽر فخرعالم ھلائي، ذريعن موجب سنڌ ڪابينا ۾ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 8 وزير ، 2 صلاحڪار ۽ مختلف خاص معاون پڻ شامل ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔