سعودي عرب ۾ پهريون روزو ڪڏهن ٿيندو؟ ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

رياض: سعودي عرب جي فلڪتاتي علوم جي سربراهه شرف السفياني چيو آهي ته فلڪي حساب سان پهريون روزو سومر جي ڏينهن 11 مارچ تي ٿيندو.

هن موجب 10 مارچ 29 شعبان تي سعودي عرب جي وقت موجب منجهند جو 12 وڳي رمضان جي چنڊ جي پيدائش ٿيندي.

شرف السفياني چيو ته رمضان جي چنڊ جي شاهدي سعودي سپريم ڪورٽ داخل ڪرائڻ سان ٿيندي.

ٻي پاسي عرب ميڊيا موجب هن سال رمضان 26 سالن کان پوءِ سياري ۾ اچي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔