سنڌ رمضان پيڪيج، هر خاندان کي 5 هزار روڪ ملندا

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 22.5 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو.ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ دوران مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو،جنهن ۾ ميئر ڪراچي، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، سيڪريٽري فنانس، ايڊيشنل آءِ جي پوليس، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ٻين ڊويزنن جي ڪمشنرن ۽ ڊي آءِ جيز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 22.5 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪندي رمضان ۾ صوبي جي 60 سيڪڙو آبادي کي 5 هزار رپيا نقد ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته رمضان المبارڪ دوران گهٽ ۾ گهٽ آمدني وارن 45 لک خاندانن کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 34000 رپيا آهي جڏهن ته 32000 رپيا ماهوار ڪمائيندڙ خاندان آبادي جو 60 سيڪڙو آهن. سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته رمضان المبارڪ ۾ هر گهٽ آمدني وارن خاندان کي بئنڪ ذريعي 5000 رپيا ڏنا ويندا، اهڙي طرح 35 لک خاندانن کي 5000 رپيا ڏنا ويندا، مجموعي طور 22.5 ارب رپيا ادا ڪيا ويندا.اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اڄ کان ذخيره اندوزن ۽ منافع خورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي اڄ کان ڪراچي ۾ ذخيره اندوزن ۽ منافع خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.صوبي جي ٻين ڊويزنن جا ڪمشنر لاڳاپيل ضلعن ۾ منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪن.ڪمشنر ڪراچي چيو ته اسان کاڌي پيتي جي قيمتن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته انتظاميه مارڪيٽ ۾ شين جي مقرر ڪيل قيمتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، مان پاڻ اوچتو ٻاهران اگهه چيڪ ڪرڻ ويندس.هن چيو ته سنڌ زڪوات کاتو 110000 غريب خاندانن کي في خاندان 14000 رپيا ادا ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ سحري ۽ افطار دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو رمضان المبارڪ دوران لاڳاپيل علائقن ۾ بجلي جو نظام برقرار رکن.هن سمورن ڪمشنرن کي کاڌي پيتي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.اجلاس ۾ رمضان المبارڪ دوران اگهه ڪنٽرول ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪمپلينس سيل قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔