غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 86 فلسطيني شهيد

غزه :غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 86 فلسطيني شهيد ۽ 113 زخمي ٿي پيا.فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي جارحيت ۾ 30 هزار 717 فلسطيني شهيد ۽ 72 هزار 156 زخمي ٿي چڪا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل يهودي آبادڪارن لاءِ 3500 رهائشي يونٽس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.رپورٽن مطابق فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني آباديون تعمير ڪيون وينديون. اولهه ڪناري کي مختلف حصن ۾ ورهائڻ سان فلسطيني رياست جو قيام ناممڪن ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔