نيب ريفرنسز ۾ حسن ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل

اسلام آباد: احتساب عدالت نيب ريفرنسز ۾ حسن ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو، ان موقعي تي حسن ۽ حسين نواز جا وڪيل قاضي مصباح الحسن ۽ راڻا عرفان عدالت ۾ پيش ٿيا.
قاضي مصباح چيو ته حسن ۽ حسين نواز 12 مارچ تي پاڪستان اچڻ چاهين ٿا، ان تي عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن کي پيش ٿيڻو پوندو، ان جي بنا گرفتاري وارنٽ معطل نٿا ٿي سگهن.
عدالت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حسن ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ 14 مارچ تائين معطل ڪري ڇڏيا.
واضح رهي ته حسن ۽ حسين نواز ايون فيلڊ، فليگ شپ ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون، جنهن ۾ گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
احتساب عدالت 7 سال اڳ ٻنهي جوابدارن کي انهن ريفرنسز ۾ اشتهاري قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔