پي سي بي جو اهم اسٽيڊيمز کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ملڪ جي اهم اسٽيڊيم کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب ايندڙ سال چيمپئنز ٽرافي کان اڳ لاهور، ڪراچي ۽ راولپنڊي اسٽيڊيمز جي نئين شڪل تيار ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ سيريز کانپوءِ قذافي اسٽيڊيم تي ڪم شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم کي به ساڳئي انداز ۾ اپ گريڊ ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين پي سي بي جلد نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو ڪندو، محسن نقوي جي دوري کانپوءِ ڪراچي اسٽيڊيم کي اپ گريڊ ڪرڻ جو حتمي پلان تيار ڪيو ويندو.ذريعن موجب پنڊي اسٽيڊيم ۾ هاسپيٽلٽي باڪس ۽ فڪس ڪرسيون لڳايون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔