نگران حڪومت پيٽرول 4 روپيه 13 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو، لائٽ ڊيزل سستو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: نگران حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نگران حڪومت پيٽرول ۽ گاسليٽ جي قيمت وڌائڻ ۽ لائٽ ڊيزل سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪري  ورتو آهي. ناڻي واري وزارت پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت 287 روپيه 33 پئسا برقرار رهندي. پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيه 14 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 279 روپيه 75 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي. گاسليٽ هڪ روپيو 44 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيو جنهن کان پوءِ نئين قيمت 190 روپيه هڪ پئسو في ليٽر مقرر ٿي ويو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لائٽ ڊيزل آئل هڪ روپيو 14 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 170 روپيه 30 پئسا مقرر ٿي وئي. حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 287 روپيه 33 پئسا برقرار رکي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔