ڍاڪا جي عمارت ۾ باهه، 43 ڄڻا سڙي فوت

ڍاڪا: بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ عمارت کي باهه لڳڻ سبب 43 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب باهه گذريل رات 7 ماڙ عمارت ۾ لڳي.اسپتال جو دورو ڪرڻ بعد بنگلاديش جي صحت واري وزير چيو ته اسپتال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 زخمين جو علاج ڪيو ويو آهي.اختيارين موجب، عمارت ۾ موجود براني ريسٽورنٽ ۾ باهه لڳي جنهن مٿين منزلن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو، 75 ماڻهن کي بچايو ويو، فائر برگيڊ عملي 2 ڪلاڪن ۾ باهه تي ضابطو آندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔