ڪراچي ۾ اڄ منجهند کان تيز برسات پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي : ڪراچي ۾ اڄ منجهند کان 4 برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اڌ ڏينهن هوندو، خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ شام جي شفٽ برطرف ڪئي وئي آهي.سڄي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، سمورن مڪاني ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ عملي جون موڪلون به منسوخ ڪيون ويون آهن.سنڌ جي وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.ڪنٽونمينٽ هيڊ ڪوارٽر ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي، پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري پڻ فراهم ڪئي وئي آهي.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جا نالن ۽ چوڪ پوائنٽس کوليا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔