بلوچستان ۾ برسات جو سلسلو جاري، مختلف حادثن دوران 3 ٻارڙا فوت

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ برساتن سبب ٿيندڙ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، برساتن جي نتيجي ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جو واقعو خاران ۾ پيش آيو جتي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. موسميات کاتي موجب بلوچستان ۾ گوادر، نوشڪي، خاران، خضدار، ڪوهلو، جهل مگسي ۽ نوڪنڊي ۾ برسات جو سلسلو اڄ به جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. نوشڪي ۾ تيز برسات کان پوءِ نالن ۾ چاڙهه ٿي وئي جڏهن ته پاڪ ايران ريلوي رابطو به ڪاٽا ٿي ويو آهي. گوادر جي علائقي پليري ويجهو مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي پل ٽٽڻ سبب گاڏي ندي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 3 ڄڻن کي ڪڍيو ويو. حڪومت گوادر کي آفٽ سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج طرفان امدادي ڪارروايون ۽ راشن جي ورهاست جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔