بلوم جي مراد شاهه سان ملاقات،گڏيل دلچسپي واري مامرن تي ڳالهيون

ڪراچي: آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري کيس ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.ڊونلڊ بلوم چيو ته مان سمورن سفارتڪارن کان اڳ اوهان کي مبارڪباد ڏيڻ آيو آهيان.ملاقات ۾ آمريڪي سفير وڏي وزير سان ٽئين مدي لاءِ پنهنجي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نئين حڪومت ۾ هو چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڏهن نقطن تي عمل ڪندا، امن امان جي مڪمل بحالي پهرين ترجيح آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي صاف پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ترجيحن ۾ شامل آهي، سماجي تحفظ تحت صوبي مان غربت جو خاتمو اولين ترجيح آهي.هن چيو ته صنعتي زون ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، تعليم جي ترقي لاءِ اهم قدم کنيا ويندا، صنعتي ۽ زرعي ترقي ذريعي معيشت کي مضبوط ڪيو ويندو.مراد علي شاهه چيو ته هو سنڌ ۾ جيڪي ترقياتي ڪم شروع ڪيا آهن، اهي جلد مڪمل ڪندو.ڊونلڊ بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت سنڌ جي عوام جي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي، آمريڪي سهڪار هيٺ تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ سهڪار ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔