32 مرضن جو شڪار بڻائيندڙ پسنديدهه غذائون

الٽرا پراسيس غذائن جي گھڻي استعمال سان 32 سنگين مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌندو آهي.

اها تنبيهه ان حوالي سان ٿيل هيل تائين جي سڀ کان وڏي طبي تحقيق ۾ ڪيو ويو.

آمريڪا جي جونز هوپڪنز بلومبرگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ، آسٽريليا جي سڊني يونيورسٽي ۽ فرانس جي Sorbonne يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته الٽرا پراسيس غذائن جي استعمال سان صحت کي مختلف هاڃيڪار اثرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اهڙيءَ طرح جي غذائن جو گھڻو استعمال دل جي مرضن، ڪينسر، شگر ٽائيپ 2، ذهني مرضن ۽ وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌائي ٿو.

واضح رهي ته الٽرا پراسيس غذائن کي تيار ڪرڻ دوران ڪيترائي ڀيرا پراسيس ڪيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ لوڻ، کنڊ ۽ ٻين هٿرادو جزن جو مقدار گھڻو هوندو آهي جڏهن ته صحت لاءِ فائديمند غذائي جُز جهڙوڪ فائبر جو مقدار تمام گھٽ هوندو آهي.

الٽرا پراسيس غذائن ۾ ڊبل روٽي، فاسٽ فوڊز، مٺايون، ٽافيون، ڪيڪ، نمڪين شيون، بريڪ فاسٽ سيريلز، چڪن ۽ فش نگٽس، انسٽنٽ نوڊلز، مٺا شربت ۽ سوڊا وغيرا شامل آهن.

اهو چوڻ جي ضرورت نه آهي ته موجودهه دور ۾ ڪيترائي ماڻهو روز الٽرا پراسيس غذائن جو استعمال ڪندا آهن.

تحقيق دوران 99 لک ماڻهن تي ٿيل 45 تحقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو.

تحقيق ۾ ڄاتو ويو ته الٽرا پراسيس غذائن جي استعمال سان تنتي نظام، دل، معدي، ميٽابولڪ ۽ دماغي صحت سان سلهاڙيل 32 مرضن جو خطرو وڌي ٿو.

محققن ٻڌايو ته ڄاڻايل غذائن جو استعمال جيترو گھڻو ڪبو، سنگين مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو اوترو ئي وڌندو.

تحقيق موجب الٽرا پراسيس غذائن جي استعمال سان دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن جهڙوڪ هارٽ اٽيڪ يا فالج سان موت جو خطرو 50 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.

اهڙيءَ طرح انزائٽي ۽ ٻين عام ذهني مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 48 کان 53 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو جڏهن ته شگر ٽائيپ 2 مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 12 سيڪڙو تائين وڌي ٿو.

تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته الٽرا پراسيس غذائن جي گھڻي استعمال سان ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 21 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.

ڊپريشن مان متاثر ٿيڻ جو امڪان 22 سيڪڙو وڌيڪ هجي ٿو جڏهن ته ٿولهه ۽ ننڊ جي مسئلن جو خطرو 46 کان 66 سيڪڙو تائين وڌي ٿو.

تحقيق ۾ الٽرا پراسيس غذائن جي استعمال سان دم، هاضمي جي نظام جي صحت، ڪينسر جي ڪجهه قسمن ۽ ڪارڊيو ميٽابولڪ صحت وچ ۾ واسطي جون شاهديون به دريافت ڪيون ويون، پر محققن موجب اهي شاهديون محدود آهن.

ماهرن چيو ته اهو واضح آهي ته الٽرا پراسيس غذائون اسان جي صحت لاءِ تمام گھڻيون هاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون.

ان تحقيق جا نتيجا برٽش ميڊيا جرنل ۾ ڇپيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔