عامر خان نئين فلم رليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي : بالي ووڊ ۾ مسٽر پرفيڪٽ جي نالي سان مشهور عامر خان 8 سالن کان پوءِ خاص طور تي ڪرسمس جي موقعي تي فلم رليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ عامر خان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هو هلندڙ سال ڪرسمس جي موقعي تي فلم ”ستاري زمين پر“ رليز ڪندو.
هن چيو ته فلم جي شوٽنگ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، انٽرٽينمينٽ سان ڀرپور فلم ڪهاڻي مون کي سٺي لڳي، ان فلم ۾ اهم ڪردار ۾ نظر ايندس ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته سال جي آخر ۾ ان کي رليز ڪيو وڃي.
عامر خان وڌيڪ چيو ته فلم ۾ مک ڪردار ۾ نظر نه ايندس رڳو ڪجهه ڪردار ڪندس، هاڻي ڏسون ٿا ته ماڻهن جو ڪهڙو ردعمل هوندو.
ميڊيا رپورٽس موجب ڄاڻايل فلم ۾ اداڪارا جنيليا ديش مک مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي اها سندس عامر خان سان پهرين فلم آهي.
واضح رهي ته عامر خان 8 سال اڳ 2016ع ۾ ڪرسمس جي موقعي تي بلاڪ بسٽر فلم دنگل رليز ڪئي هئي جيڪا ڪرسمس جي موقعي تي رليز ٿيل آخري فلم هئي جڏهن ته 2022ع ۾ لال سنگهه چڍا جي ناڪاميکان پوءِ عامر خان ڪا به فلم نه ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔