بلوچستان مان ڪامياب ٿيل 2 آزاد صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو(ن) ليگ ۾ شموليت جو اعلان

لاهور:  بلوچستان مان ڪامياب ٿيل 2 آزاد صوبائي اسيمبلي ميمبرن مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي 2 نون چونڊيل آزاد صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. پارٽي جو صوبائي صدر جعفر خان مندوخيل ۽ پارٽي اڳواڻ جمال شاهه ڪاڪڙ به ملاقات ۾ موجود هئا.

بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 41 ۽ پي بي 51 تان نون چونڊيل آزاد صوبائي اسيمبيل ميمبرن ولي محمد ۽ عبدالخالق (ن) ليگ ۾ شامل ٿي ويا.

شهباز شريف ولي محمد ۽ عبدالخالق خان کي مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏني ۽ سندن آجيان ڪئي. هن چيو ته اوهان پاڪستان جي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪيو جيڪو تحسين لائق آهي پاڪستان کي انتشار نه پر استحڪام جي ضرورت آهي.

شهباز شريف چيو ته مسئلا جهيڙي سان نه پر ڳالهين ۽ گڏجي هلڻ سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. پاڪستان جي ترقي لاءِ بلوچستان جي ترقي کي اولين ترجيح سمجهون ٿا. ملاقات ۾ نون چونڊيل ميمبرن(ن) ليگ طرفان وزيراعظم نامزد  ٿيڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد پڻ ڏني. وڌيڪ ٻن ميمبرن جي شموليت کان پوءِ بلوچستان اسيمبلي ۾(ن) ليگ جي ميمبرن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.

جنهن کان پوءِ مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف لاهور کان اسلام آباد پهچي ويو، ذريعن موجب شهباز شريف نجي جهاز تي اسلام آباد پهتو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته شهباز شريف جي اسلام آباد ۾ سياسي ملاقاتن جو امڪان آهي. شهباز شريف جي بلاول ڀٽو زرداري سان به ملاقات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔