حڪومت سازي تي اتفاق، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي

ڪراچي:پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ حڪومت سازي جي معاهدي کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به تيزيءَ جو رجحان رهيو آهي.بينچ مارڪ SE-100 انڊيڪس 965 پوائنٽ وڌي ويو، پي ايس ايڪس جي ويب سائيٽ موجب، KSE-100 انڊيڪس 965 پوائنٽس يا 1.6 سيڪڙو وڌي 61,429 تي صبح 9:49 تي پهچي ويو، جيڪو ڪالهه 60,464 تي بند ٿيو هو.ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي چيف ايگزيڪيوٽو محمد سهيل ڊان نيوز ٽي وي کي ٻڌايو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي پارٽين جي وچ ۾ معاهدي جي خبرن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ تيزي آئي آهي.اڪشي ريسرچ جي ڊائريڪٽر اويس اشرف به اهڙن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نئين حڪومت جي قيام جي حوالي سان سياسي پارٽين وچ ۾ معاهدو واضح ٿيڻ بعد سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي.چيس سيڪيورٽيز جي ڊائريڪٽر يوسف ايم فاروق ٻڌايو ته نئين حڪومت جي حوالي سان گذريل رات صورتحال واضح ٿيڻ کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج جي مثبت شروعات ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔