سپريم ڪورٽ سياستدانن جِي تاحيات نااهلي بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سياستدانن جِي تاحيات نااهلي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته سياستدانن جِي تاحيات نااهلي جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو ختم ڪيو وڃي ٿو.
چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 53 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جسٽس يحيٰ آفريدي جو اختلافي نوٽ ۽ جسٽس منصور علي شاھ جو اضافي نوٽ به شامل ڪيو ويو آهي.
تفصيلي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته سميع الله بلوچ ڪيس ۾ تاحيات نااهلي جو فيصلو ختم ڪيو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي جِي ڊڪليئريشن ڏئي آئين تبديل ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي.
عدالتي فيصلي موجب اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ نااهلي جو مدو پنج سالن کان مٿي نٿو ٿي سگهي، آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ تاحيات نااهلي جو ڪٿي به ذڪر ناهي.
تفصيلي فيصلي موجب ضياءُ الحق مارشل لا لڳائي آرٽيڪل 62 ۾ تاحيات نااهلي جي شق شامل ڪرائي، تاحيات نااهلي چونڊ وڙهڻ ۽ عوام جي ووٽ جي حق جي ابتڙ آهي.
فيصلي موجب آرٽيڪل 62 ون ايف واضح نٿو ڪري ته ڊڪليئريشن ڪنهن کي ڏيڻي آهي، ڪو به قانون واضح نٿو ڪري ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جو طريقيڪار ڪهڙو هوندو.
سپريم ڪورٽ جَي فيصلي فيصلي ۾ چيو ويو ته اڳوڻي جج عمر عطا بنديال سميع الله بلوچ ڪيس جو فيصلو لکيو ۽ نفي به ڪئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي مستقل يا تاحيات ناهي، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي ڪورٽ آف لا جي ڊڪليئريشن تائين محدود آهي.
هن چيو لکيو ته نااهلي تيستائين برقرار رهي ٿي جيستائين ڪورٽ آف لا جي ڊڪليئريشن موجود هجي، سپريم ڪورٽ جو سميع الله بلوچ ڪيس جو فيصلو درست هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔