چونڊ نتيجا رد ڪريون ٿا: نه حڪومت جو حصو بڻجنداسين، نه ئي وزيراعظم کي ووٽ ڏينداسين: فضل الرحمان

اسلام آباد: جي يو آءِ(ف) چونڊ نتيجن تي سوال اٿاريندي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪندي (ن) ليگ کي به اپوزيشن ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.

پارٽي اجلاس کان پوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ اسان جي مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس ٿيو جنهن  ۾ چونڊ نتيجن کي رد ڪيو ويو اهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي پر جي يو آءِ پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ خدشا هجڻ باوجود شرڪت ڪندي.

هن چيو ته جي يو آءِ سان ڌانڌلي اسلام دشمن طاقتن جي چوڻ تي ڪئي وئي. اسان افغانستان ۽ پاڪستان جي گڏيل لاڳاپن جي لاءِ ڪم ڪيو اهوئي اسان جو ڏوهه آهي،  جنهن کي آمريڪا ۽ اسرائيل قبول نه ڪيو. جي يو آءِ هڪ نظرياتي طاقت آهي جيڪا ملڪي معاملن تي سمجهوتي جو شڪار نه ٿيندي. اسان پنهنجي عظيم مقصدن  جي لاءِ تحريڪ هلائينداسين. اليڪشن ڪميشن جو پهرين ڏينهن کان ئي شڪي ڪردار رهيو آهي

جي يو آءِ سربراهه چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته چونڊون شفاف ٿيون آهن ته ووٽ جو بيانيو ختم ٿي ويو. نتيجا اشارو ڏئي رهيا آهن ته رشوت ورتي وئي. مان نوازشريف کي دعوت ڏيان ٿو ته اهو اڳيان اچي ۽ اسان سڀ ملي اپوزيشن ۾ ويهون. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڪيترن ڳوٺن ۾ پوليس کي به يرغمال بنايو ويو. اهڙي ڇڪتاڻ واري  حالتن ۾ چونڊون ڪرايون ويون. اسان چونڊون ملتوي ڪرڻ جو چيو هو پر اسان جي  نه ٻڌي وئي. هاڻ اسان به ڪنهن جي نه ٻڌنداسين. اسان پنهنجن مطالبن  جي منظوري لاءِ ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ سان جسمن جو نه دماغي جهيڙو آهي جيڪڏهن انهن جا دماغ صحيح ٿي وڃن ته صلح ٿي سگهي ٿي اسان ڪنهن به پارٽي سان اتحاد نه ڪيو آهي. هن چيو ته  چونڊن ۾ ڌانڌلي جا نوان رڪارڊ ٺهيا آهن چونڊ عمل کي يرغمال بنايو ويو کٽڻ ۽ هارائڻ جي لاءِ رشوت ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔