آمريڪي وزير جي مواخذي جي قرارداد منظور

واشنگٽن: آمريڪي هوملينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري اليگزينڊر ميئرز کي اميگريشن قانونن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ڪانگريس سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي الزام ۾ مواخذي لاءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي آهي.آمريڪي ميڊيا موجب ريپبلڪن ميمبرن جي اڪثريت مواخذي جي حق ۾ ووٽ ڏنو.رپورٽن مطابق ايوان صدر جي 214 ميمبرن مواخذي جي حق ۾ ۽ 213 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.پرڏيهي ميڊيا موجب اهو معاملو هاڻي سينيٽ ۾ ويندو، جتي ان جي رد ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔