اي اين پي چونڊ نتيجن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور: عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊ نتيجن ۾ هيٺ مٿانهين خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اي اين پي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي ۽ ڪابه سيٽ حاصل نه ڪري سگهي. انهي معاملي تي اي اين پي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير امير حيدر خان هوتي سمورين پارٽي  جي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو

اي اين پي چيو آهي ته چونڊ نتيجن ۾ هيٺ مٿانهين خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي شروعات 20 فيبروري تي ضلعي صوابي کان ٿيندي مظاهري ۾ صوبائي ۽ مرڪزي قيادت، اميدوار ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا. جڏهن ته ٻيون احتجاجي مظاهرو چارسده ۾ 23 فيبروري تي ڪيو ويندو.

اي اين پي موجب صوابي ۽ چارسده کان پوءِ سموري صوبي ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ياد رهي ته ان کان اڳ عوامي نيشنل پاٽي(اي اين پي) جي اڳواڻ ايمل ولي خان عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪندي خيبرپختونخواهه جا مختلف تڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔