دنيا ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 47 لک 22 هزارٿي ويو

ڪراچي: سڄي دنيا ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 47 لک 22 هزار ٿي ويو، 3 لک 13 هزار 260 ڄڻا فوت ٿي چڪا، 18 لک 13 هزار 159 ڄڻا ڪورونا جو مقابلو ڪندي صحتياب ٿي ويا، آمريڪا ۾ 15 لک 7 هزار 773، اسپين ۾ 2 لک 76 هزار 505، روس ۾ 2 لک 72 هزار 43، برطانيا ۾ 2 لک 40 هزا 161 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا، ترڪي ۾ هڪ لک 48 هزار 67، ڀارت ۾ 90 هزار 927 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي، آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن اندر ويڌڪ هڪ هزار 20 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا، جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا آهن. برازيل ۾ به صورتحال خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ 816 ماڻهو فوت ٿي ويا، ميڪسيڪو ۾ 290، ڀارت ۾118 ۽ اٽلي ۾153 ماڻهن دم ڏئي ڇڏيو آهي. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙ جو انگ 3 لک 12 هزار ٿي ويو، جڏهن ته 18 لک 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔