15فيڪٽرين کي پيداواري سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي: سنڌ حڪومت وڌيڪ 15 فيڪٽرين کي پيداواري سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيڪٽريز ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جون پابند ھونديون. اجازت مليل فيڪٽرين ۾ گارمينٽس ۽ ليڌر ايڪسپورٽ لاءِ ٻيون شيون ٺاھيندڙ فيڪٽريون شامل آهن. ملازمن کي ماسڪ پارائڻ، سماجي وٿي رکڻ ۽ سينيٽائيزر جو استعمال يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي نوٽيفڪيشن موجب فيڪٽري انتظاميا ڪورونا مريضن بابت اطلاع ڏيڻ ۽ اھڙن مريضن کي فوري طور اسپتال پھچائڻ جي پابند ھوندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔