آءِ پي ايل جي ڪري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ٿيڻ جا امڪان

سڊني: اڳوڻي آسٽريليا جي ڪپتان مارڪ ٽيلر اڳڪٿي ڪئي آهي ته آءِ پي ايل ڪرائڻ جي ڪري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ڪيو ويندو.ميڊيا رپورٽن موجب مارڪ ٽيلر چيو آهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي خواهش تي آءِ پي ايل جي لاءِ نرم لهجھو رکي ٿو ۽ ڪورونا وائرس کي جواز بنائي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي ايندڙ سال تائين ملتوي ڪري سگهي ٿو. جنهن جي بدلي ۾ ڀارتي ٽيم ڊسمبر ۾ آسٽريليا اچي سيريز کيڏڻ به يقيني ٿي ويندو.اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 16 آڪٽوبر کان 15 نومبر جي مستقبل جي حوالي سان آءِ سي سي جو اهم اجلاس 28 مئي تي ٿيندو.واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 18 آڪٽوبر کان 15 نومبر تائين شيڊول آهي ان جي مستقبل جي حوالي سان آءِ سي سي جو اهم اجلاس 28 مئي تي ٿيندو. واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔