ڪراچي ۾ ٻئي وچولي درجي جي هيٽ ويو جا امڪان

ڪراچي:ڪراچي ۾ ٻئي وچولي درجي جي هيٽ ويو جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته هيٽ ويو ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو. سامونڊي هوائون بند ٿي وينديون ۽ گرمي پد 42 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو پر ان جي شدت وڌيڪ هوندي.موسميات کاتي موجب ڏينهن جي وقت سامونڊي هوائون معطل ٿي سگهن ٿيون. جڏهن ته اتر، اولهه ۽ اوڀرين علائقن مان گرم ۽ خشڪ هوائون هلي سگهن ٿيون.ماهرن شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته ٻنپهرن جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ گهر مان نڪرڻ کان اڳ مٿي کي ضرور ڍڪين. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته افطاري ۽ سحري ۾ پاڻي ۽ ٻين ٿڌين شين جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔