وفاقي حڪومت جو عيد تي 6 موڪلن جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت عيد تي سرڪاري ملازمن کي 6 موڪلون ڏئي ڇڏيون آهن، تفصيل موجب وفاقي حڪومت پاران عيد تي 6 موڪلون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، موڪلون 22 کان 27 مئي تائين هونديون . موڪلون جمعي کان شروع ٿينديون ۽ اربعا تائين هلنديون . وفاقي گهرو وزارت موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪار آفيسون 6 ڏينهن لاءِ بند رهنديون ،موڪلن دوران مارڪيٽ ۽ گهمڻ ڦرڻ واريون جايون به بند رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔