حليما سلطان پاڪستان اچي مداحن سان ملڻ لاءِ پرجوش

ڪراچي: ترڪي جي مشهور ڊرامي ”ارطغرل غازي“ جي مرڪزي اداڪاره اسرا بلجڪ (حليما سلطان) پاڪستانين جي محبت جو جواب ڏيندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته هوءَ پنهنجي پاڪستاني مداحن سان ملڻ لاءِ پرجوش آهي. اسلامي تاريخ ۽ فتحن تي ٻڌل ترڪ ڊرامو ”ديريلش ارطغرل“ جنهن کي ارطغرل غازي به سڏيو وڃي ٿو ، ان ڊرامي جي پهرين ئي قسط ماڻهن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي ۽ ان جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. جتي پاڪستاني ڊرامي جي ڪهاڻي کي پسند ڪن ٿا اتي ڊرامي جي مرڪزي اداڪارن انجن التان (ارطغزل غازي) ۽ اسريٰ بلجڪ (حليما سلطان ) جا ته ديوانا ٿي ويا آهن ۽ ان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تائين پهچي ويا آهن ، مداح انسٽاگرام تي انهن سان لاڳيتو پنهنجي محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن موٽ ۾ حليما سلطان به پاڪستانين جي محبت جو جواب محبت سان ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔