واپارين سڀاڻي کان مڪمل ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: واپارين سومر کان پنهنجو مڪمل ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي واپارين جي وفد جامعه بنوريه عالميه جي رئيس وشيخ الحديث مفتي محمد نعيم سان ملاقات ڪئي.وفد ۾ ڪراچي واپاري اتحاد جو چيئرمين عتيق مير، جميل پراچه، شير جيل گوپلاني، چوڌري ايوب سميت ٻين واپاري تنظيمن جا نمائندا شامل هئا. عتيق مير ۽ ٻين واپارين چيو آهي ته اسان سومر کان پنهنجو مڪمل ڪاروبار کولي رهيا آهيون. ملازم بيروزگاري کان پريشان ۽ فاقه ڪشي تي مجبور آهن. جيڪڏهن مارڪيٽون اهڙي طرح بند رهيون ته حلال ڪمائي وارو طبقو به چوري ، ڦرن يا پوءِ آپگهات تي مجبور ٿيندو. بهتر اهو آهي ته اسان ڪاروبار کوليون ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريون.رئيس وشيخ الحديث مفتي محمد نعيم چيو آهي ته ڪورونا جي لاڪ ڊائون سبب پوري قوم پريشاني جو شڪار آهي ان مان نڪرڻ جي لاءِ دعائون ۽ ڪثرت سان استعفار جي ضرورت آهي. اهائي ذات اسان کي هن مشڪل مان ڪڍڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته ڪورونا وبا آهي ان کان انڪار ممڪن ناهي پر ڇا ڪورونا جو علاج ڪيترن ئي سالن تائين نه ملندو ته لاڪ ڊائون به اوترو ئي ڊگهو رکيو ويندو.هن چيو ته واپاري برادري سان گڏ حڪومت کي گهرجي ته هو تعاون ڪري، ڇو ته واپاري معيشت لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. بيروزگاري وڌندي، چوري، ڦرون ۽ ٻيا ڏوهه عام ٿي ويندا جيڪي ڪورونا وڌيڪ خطرناڪ ٿيندا. ڪراچي پاڪسان جو معاشي حب آهي اسان کي ايس او پيز سان گڏ ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏين گهرجي. ڪورونا کان احتياط لازمي آهي. واپاري پنهنجي صفن ۾ موجود منافعي خورن کي ٻاهر ڪڍن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔