ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش قرار

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي پاور پلانٽس پرفارمنس ريويو رپورٽ 2022-23 جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.نيپرا جي رپورٽ موجب قابل تجديد توانائي جي انضمام ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي قابل تجديد توانائي مان پيداوار رڳو 2.4 سيڪڙو رهي آهي. نيپرا رپورٽ موجب ڪي اليڪٽرڪ مهانگي بجلي جي پيداوار تي منحصر آهي. نيپرا پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ڪي اليڪٽرڪ کي وڌيڪ قابل تجديد توانائي پلانٽس ٺاهڻ جي صلاح ڏني وئي، ڪي اليڪٽرڪ کي به صلاح ڏني وئي ته هو جنريشن مڪس بهتر ڪري جنريشن لاڳت گهٽ ڪري.نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ مهانگو پاور پلانٽس شامل ڪرڻ لاءِ رجوع ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔