پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ ڀارت جا ناپاڪ عزم خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارت معصوم پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ اهڙن عزمن کي خاڪ ۾ ملائيندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير مظفر آباد، آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو، جتي هن ايل او سي تي ايندڙ مورچن تي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي.

آرمي چيف مظفر آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گل رکيا، هن قربانين تي شهيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

آرمي چيف چيو ته ڀارت معصوم پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارتي رياستي دهشتگردي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت جي ٻين ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت بي نقاب ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته ڀارت جو شرمناڪ چهرو دنيا جي سامهون اچي چڪو آهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ اهڙن عزمن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت جاري رکندو، ڏاڍ سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔