پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائڻ واري رستن تي هٿن جون زنجير ٺاهي مظلوم ڪشيمرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

ڪوهالا پل تي يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي سان سڀ کان وڏي تقريب ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ نهايت ئي اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون.

ڪشميرين سان يڪجهتي واري ڏهاڙي جي موقعي تي صدر پاڪستان عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو منصفاڻو حل اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم نقطو رهندو.ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي پيغام۾ چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو حل آزاد ۽ ڪشميرين کي راءِ جي حق ڏيڻ ۾ ئي آهي . ان موقعي تي پاڪستاني فوج پاران به ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي عزم ۽ جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي . آءِ ايس پي آر پاران چيو ويو آهي ته ڪشميري بهادري سان انساني لاڪ ڊائون جو مقابلو ڪري رهيا آهن.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير مسئلو اقوام متحده جي قراردادن موجب منصفاڻي طريقي سان حل ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔