اليڪشن ڪميشن 3 تڪن ۾ چونڊون روڪڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن طرفان 3 تڪن ۾ چونڊون روڪڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب ٽنهي تڪن ۾ چونڊون اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي لاڏاڻي سبب روڪيون ويون آهن.

جن ٽن تڪن ۾ چونڊون روڪيون ويون آهن انهن ۾ قومي اسيمبلي جوتڪ اين اي 8 باجوڙ، صوبائي اسيمبلي جو تڪ پي ڪي 22 باجوڙ ۽ پي ڪي 91 ڪوهاٽ شامل آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب ٽنهي تڪن ۾ چونڊن جو شيڊول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ٽنهي تڪن ۾ اميدوار ٻيهر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔