اڄ 6 فيبروري چونڊ مهم جو آخري ڏينهن هوندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: عام چونڊن 2024 جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽين جي لاءِ چونڊ مهم هلائڻ جو اڄ آخري ڏينهن 6 فيبروري مقرر ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ سمورين سياسي پارٽين کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ٻڌايو آهي ته چونڊ ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 182 جي تحت 6 فيبروري 2024 ۽ 7 فيبروري 2024 جي وچ واري رات 12 وڳي تائين چونڊ مهم هلائي سگهبي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته مقرر وقت کان پوءِ ڪوبه شخص ڪنهن به جلسي، جلوس، ڪارنر گڏجاڻي يا اهڙي قسم جي سياسي سرگرمي منعقد نه ڪندو نه ئي وري ان ۾ شرڪت ڪندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته ڪوبه شخص جيڪو قانون جي مذڪوره شق جي ڀڃڪڙي ڪندو انهي جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔