سيڙپڪارن کي فنڊنگ ڊيل لاءِ نئين حڪومت جو انتظار ، بلومبرگ

اسلام آباد :آمريڪي ميگزين بلومبرگ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته سيڙپڪار آءِ ايم ايف کان فنڊنگ معاهدي لاءِ پاڪستان ۾ نئين سربراهه جو انتظار ڪري رهيا آهن.آمريڪي جرنل موجب پاڪستان جو آءِ ايم ايف پروگرام مارچ ۾ ختم ٿي رهيو آهي، اليڪشن کانپوءِ نئين حڪومت آءِ ايم ايف سان موجوده معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ نئون معاهدو ڪري سگهي ٿي.بلومبرگ موجب ايندڙ مالي سال دوران پاڪستان کي 25 ارب ڊالرن جو پرڏيهي قرض واپس ڪرڻو آهي، جيڪو پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کان لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي.جرنل سروي ۾ وڌيڪ چيو ته ايندڙ مالي سال دوران ادائيگين جو اثر پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي پوندو، جنهن سان پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو ختم ٿي ويندو. سروي موجب پاڪستان جي معيشت نئين بيل آئوٽ پيڪيج کانسواءِ ٻڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔