عام چونڊون 2024: پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي جمهوريت بڻجي ويو

اسلام آباد: عام چونڊن 2024 ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جي انگ ۾ اضافي کان پوءِ پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي جمهوريت بڻجي ويو آهي.

فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ(فافن) جي جاري ڪيل رپورٽ موجب اليڪشن ۾ رجسٽرڊ پاڪستاني ووٽرز جي تعداد ۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي جمهوريت بڻجي ويو آهي

رپورٽ موجب موجوده چونڊن جي لاءِ ملڪ ۾ رڪارڊ 12 ڪروڙ 80 لک ووٽرز رجسٽرڊ ٿيا آهن. دنيا جي وڏي جمهوريت ۾ ڀارت، انڊونيشيا، آمريڪا ۽ برازيل کان پوءِ هاڻ پاڪستان جو نالو فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت ووٽرز جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي نئين رجسٽرڊ 2 ڪروڙ 25 لک ووٽرز ۾ 1 ڪروڙ 25 لک عورتون ۽ هڪ ڪروڙ مرد آهن.

فافن جي رپورٽ موجب 2018 ۾ مرد ۽ عورت ووٽرز وچ ۾ فرق 11.8 سيڪڙو هو جيڪو هاڻ 7.7 سيڪڙو ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔