ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جا ڪيس: ياسمين راشد، محمودالرشيد ۽ اعجاز چوڌري تي فرد جرم لاڳو

لاهور:دهشتگردي جي انت واري عدالت ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ ياسمين راشد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ياسمين راشد ۽ ٻين جي خلاف شادمان ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ عدالت ياسمين راشد سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن محمودالرشيد ۽ اعجاز چوڌري تي  فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت جوابدارن جو جيل ٽرائل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته  جوابدارن جي خلاف سرور روڊ ٿاڻي ۽ شادمان ٿاڻي تي پوليس ڪيس داخل ڪري رکيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔