پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي وزيراعظم آفيس جو غلط استعمال ڪيو: توشا خانه ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي وزيراعظم آفيس جو غلط استعمال ڪيو:احتساب عدالت توشا خانه ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جج محمد بشير  طرفان 44 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري ڏوهاري قرار ڏنو ويو

عدالتي فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي پرڏيهي سربراهن طرفان 108 تحفا مليا، سعودي ولي عهد کان اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واريءَ گراف جيولري تحفي طور وصول ڪيو، گراف جيولري سيٽ توشا خانه ۾ رپورٽ ته ٿيو پر جمع نه ڪرايو ويو

 تحفي جي قيمت جو تعين ڪندڙ پرائيوٽ ماهر تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي اثر رسوخ استعمال ڪيو، گراف جيولري سيٽ  پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي 90 لک رپين ۾ حاصل ڪيو، جيولري سيٽ جي اصل قيمت 3 ارب 16 ڪروڙ  رپين کان وڌيڪ هئي

 تحفي جو تعين ڪندڙ صهيب عباسي موجب پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي تحفي جي قيمت گهٽ لڳائي، گواهه بن يامين  موجب گراف جيولري سيٽ جوابدارن توشا خانه ۾ جمع نه ڪرايو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تحفن جي قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

 پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي  وزيراعظم آفيس جو غلط استعمال ڪندي 1573.72 ملين جو مالي فائدو حاصل ڪيو، ٻئي ڄڻا قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جا ذميوار قرار ڏنا ويا

 پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 14 سال قيد جو حڪم، جيل ۾ گذريل وقت سزا ۾ شامل  تصور ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔