ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 3 ڌماڪا، 4 ڄڻا زخمي

ڪوئٽه: ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 3 ڌماڪا ٿيا آهن جنهن جي نتيجي ۾  ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

جعفر آباد جي علائقي ڊيره الهيار  ۾ ڪريڪر ڌماڪي سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته تربت ۾ آبسر روڊ تي دستي بم حملي دوران به هڪ شخص زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف پوليس موجب ڪوئٽه جي اسپيني روڊ تي به ڌماڪي جا آواز ٻڌا ويا آهن جڏهن ته ڌماڪي سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪوئٽه، تربت ۽ جعفر آباد ڌماڪن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان فوري طور تي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔