ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي هرصورت ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عام چونڊون هر صورت ۾ اٺ فيبروري تي ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريٽريز، نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز، گهرو سيڪريٽري آفتاب دراني شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز چيو ته اليڪشن 8 فيبروري تي ئي آهي، اليڪشن ڪميشن هر صورت ۾ اليڪشن يقيني بڻائيندي.
ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندرسلطان راجا به واضح ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ڪو امڪان ناهي.
اليڪشن ڪميشن اجلاس کانپوءِ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي سڪندر سلطان راجا چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اليڪشن 8 فيبروريءَ تي ئي ٿيندي، وقت جي کوٽ سبب بيلٽ پيپرز جي وڌيڪ پرنٽنگ جي گنجائش ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني، آر ٽي ايس بدران اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم ( اي ايم ايس ) جو استعمال شفاف چونڊن لاءِ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔