پاڪستان سپر ليگ لاءِ الڳ بورڊ ٺاهڻ جو مطالبو

پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر پي ايس ايل لاءِ ڌار بورڊ ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم عمر چيو ته پاڪستان سپر ليگ جو چيئرمين ۽ سيٽ بلڪل ڌار هئڻ گهرجي، ان جي ڪم جو طريقو به الڳ هجي، ميچن جا نشرياتي حق ڪيئن هلندا آهن ڪيئن وڪرو ٿيندا سڀ ڪجهه مختلف هئڻ گهرجي.
هن چيو ته هو سال ۾ 11 مهينا ستا پيا هوندا آهن، ڪا به سرگرمي ناهي هوندي، دنيا جي ٻين ليگز جهڙوڪ آءِ پي ايل ۽ ٻين ليگز جي الڳ بورڊ جي ايڪسرسائز جو سيٽ اپ ڊگهي عرصي کان هلي رهيو آهي.
نديم عمر چيو ته پي ايس ايل ملڪ جو سڀ کان وڏو برانڊ آهي پر ان لاءِ به بورڊ سان ڪنهن ڪنهن بهتري لاءِ وڙهڻو پوندو آهي، پي ايس ايل ۾ ايترو ڪجهه ڪري چڪا آهيون، پئسا ڏئي چڪا آهيون.
سندس چوڻ هوته پي سي بي گورننگ بورڊ ۾ ڪراچي ۽ لاهور جي نمائندگي نه هجڻ ان فيئر آهي، ڪهڙو چيئرمين ايندو رول آف دي گيم ڇا هوندو، انهن چئلينجز لاءِ وڏن شهرن جي ان پٽ ضروري هوندو آهي.
هن چيو ته پي ايس ايل جو ڌار سسٽم هوندو ته اِهو فرنچائز جي مسئلن کي سمجهندو ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔