ممبئي :نوي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾فلم”عاشقي“ رليز ٿيندي ئي جتي نئين اداڪار راهول راءِ کي رات پيٽ ۾ اسٽار بڻائي ڇڏيو، اتي ئي سندس وارن جو اسٽائل به تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ نوجوان اِهو اسٽائل اپنائڻ لڳا هئا.
پر هڪ ڪلاسيڪل ميوزيڪل شاهڪار جو هيرو اڄڪلهه ڪجهه ڏکيائين جو شڪار آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ تي ٽرولز به سندس پٺيان پئجي ويا آهن، جن کي اداڪار طرفان جواب به ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، اِهو معاملو تڏهن شروع ٿيو جڏهن سوشل ميڊيا تي اوچتو راهول راءِ جا اُهي گيت وائرل ٿيا جنهن تي هن 90 واري ڏهاڪي ۾ اداڪاري ڪئي هئي، پر هاڻي انهن ۾ ساڻس گڏ عاشقي جي هيروئن بدران هڪ انسٽاگرام واهپيدار عورت نظر اچي رهي آهي، جنهن جو نالو ڊاڪٽر ونيتا آهي.
رپورٽ موجب، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهيدارن طرفان مٿس تنقيد ڪئي وئي، ڪجهه واهپيدارن ته انتهائي گٿن لفظن جو استعمال پڻ ڪيو ۽ پوءِ ڳالهه ٽرولنگ تائين وڃي پهتي، جنهن کي ڪجهه وقت تائين ته اداڪار برداشت ڪيو پر پوءِ جواب ڏنو.
واضح رهي ته راهول راءِ کي ڪجهه سال اڳ برين اسٽروڪ (دماغ جو دورو) پيو هو ۽ هو صحت جي مسئلن سان گڏ مالي مسئلن جو شڪار پڻ رهيو هو.
هن انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ۾ تنقيد ۽ ٽرولز ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ”مان ڪجهه ڪيسن جي ڪري مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهيان ۽ اِهي ڪيس مون تي اڄ جا نه پر تڏهن کان آهن جڏهن مون کي برين اسٽروڪ ٿيو هو.“
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سندس وڊيوز تي سڀ کان وڏو اعتراض اهو واريو پيو وڃي ته ايڏي وڏي اداڪار کي نيٺ اهڙين وڊيوز جو سهارو وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
ان جو جواب اداڪار ڪجهه هن ريت ڏنو ته ”جيڪڏهن توهان منهنجي سادگي يا جاکوڙ تي ٺٺول ڪندئو ته ان سان مون بابت گهٽ پر توهان جي باري ۾ وڌيڪ پتو پوي ٿو.“
هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”جيڪڏهن توهان کي واقعي منهنجي ايڏي ڳڻتي آهي ته ڪو حقيقي ۽ مهذب ڪم ڳولڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو ته جيئن مان پنهنجا مالي معاملا درست ڪري سگهان ۽ ادائيگيون ڪري سگهان.“
سندس چوڻ هو ته هو محنت ڪري پئسا ڪمائي رهيو آهي ڪنهن تي ٺٺول ڪري نه ۽ اسٽروڪ کانپوءِ سندس لاءِ ضروري آهي ته هو سرگرم رهي.
راهول راءِ موجب، ” جيستائين ٿي سگهيو مان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، ان سان منهنجو دماغ سرگرم رهي ٿو ۽ مقصد توڙي ذميواريءَ جو احساس ٿئي ٿو ته مان اڄ به ڪم ڪري رهيو آهيان.“
هن ٽرولز کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”توهان مونکي ٿوري تڪليف پهچائي سگهو ٿا پر مونکي ٽوڙي نٿا سگهو.“
اداڪار جي پوسٽ کانپوءِ فرح خان ۽ سونو سود سميت ڪيئي مشهور شخصيتن سندس حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته مداح به فلمسازن کان درخواست ڪري رهيا آهن ته اهي پنهنجن پروجيڪٽن ۾ هن تجربيڪار اداڪار کي ڪم ڏين.
تبصرے بند ہیں۔