اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف عراق جي نامزد ڪيل نئين وزيراعظم علي الزيدي کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مان پنهنجي ڀاءُ علي الزيدي کي عراق جو وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان عراق جي نئين حڪومت سان ويجهن لاڳاپن جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪم ڪيو ويندو. هن عراق جي نئين وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
تبصرے بند ہیں۔