سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا 6 کان 9 فيبروري تائين بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: پنجاب کان پوءِ سنڌ جا به سمورا تعليمي ادارا 6 کان 9 فيبروري تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي موجب ملڪ ۾ عام چونڊن سبب صوبي ۾ 6 کان 9 فيبروري تائين  سمورا نجي ۽ سرڪاري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند رهنديون.

سنڌ جي تعليم کاتي چيو آهي ته 5 فيبروري تي سنڌ ۾ ڪشمير  ڊي جي موڪل جو اعلان اڳ ئي ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ موڪلن جي سمري نگران وڏي وزير مقبول باقر منظور ڪري ورتي آهي. گذريل  ڏينهن پنجاب ڪابينه عام چونڊن جي سلسلي ۾ سمورا اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون 6 کان 9 فيبروري تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ياد رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي شيڊول آهن جنهن جي سلسلي ۾ تيارين جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔