عمران ۽ شاهه محمود عهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي نقصان پهتو، سائفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

سائفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو 77 صفحن تي ٻڌل آهي جيڪو سيڪريٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته سائفر ڪيس جو تفصيلي فيصلو 20 فائڊنگز تي ٻڌل آهي. فائڊنگز ۾ سائفر، اکين ڏٺا گواهه ۽ سيڪريٽ دستاويزن جي اهميت شامل آهي

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي نامناسب طريقي سان فيئر ٽرائيل جي استدعا ڪئي. ٻنهي ڏوهارين ڄاڻي واڻي پريشانيون وڌايون. همدرديون وٺڻ جي لاءِ بي يارو مددگار بنجڻ جي ڪوشش ڪئي.

عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته فائنڊنگز ۾ چيو ويو آهي ته فيئر ٽرائيل جو حق چالاڪ جوابدار جي لاءِ ناهي. سائفر کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو ويو. پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي بطور هڪ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي طور تي پنهنجي عهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي نقصان پهچايو. ٻنهي ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهايو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ريلي ۾ ڪاغذ لهرائي پرڏيهي سازش جو بيانيو بنايو ۽ پاڪ فوج تي الزام لڳائڻ شروع ڪري ڏنا. سائفر معاملي تي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي اثر پيو جنهن جو دشمنن کي فائدو ٿيو.

عدالت چيو آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر پرڏيهي وزارت ڏانهن نه اماڻيو. ٻنهي ڏوهارين عدالتي ڪارروائي جي دوران نامناسب رويو رکيو. جوابدارن فائلن کي اڇلايو وڪيل صفائي قانون جو مذاق اڏايو. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 17 مهينن جي جاچ ۾ پراسيڪيوشن سائفر ڪيس ثابت ڪري ورتو.

ياد رهي ته 30 جنوري تي اڊيالا جيل ۾ قائم خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔