انتظاميا جي سٺي رويي سبب ڇوڪرا سٺي پرفارمنس ڪن پيا،عبيد شاه

ڪراچي: پاڪستان انڊر 19 ٽيم جي فاسٽ بالر عبيد شاهه جو چوڻ آهي ته انتظاميا جي دوستانه رويي سبب ڇوڪرا سٺي پرفارم ڪري رهيا آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي عبيد شاهه چيو ته هتي جون حالتون مختلف هيون، وڪيٽون وٺڻ سان سپورٽ ملي.فاسٽ بالر چيو ته ٽيم لاءِ سٺي بالنگ ڪرڻ خوشي جي ڳالهه آهي، ٽيم انتظاميا ٽيم سان دوستاڻو ماحول پيدا ڪيو آهي.هن چيو ته ٽيم جو ڪمبينيشن به سٺو ٺهيل آهي، سڀ هڪ ٻئي کي سپورٽ ڪن ٿا.عبيد شاهه وڌيڪ چيو ته ايونٽ جي شروعات فتح سان ٿي آهي، هو ڪوشش ڪندا ته سٺي نموني سان ختم ڪريون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔