پاڪستانين جي جو حق آهي ته بنا خوف جي ليڊر چونڊين :آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستانين کي اهو حق حاصل آهي ته هو بغير ڪنهن خوف جي پنهنجو اڳواڻ چونڊي سگهن.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن پي ٽي آءِ جي ريلي تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.ميٿيو ملر چيو ته گذريل مهيني پاڪستان ۾ ٻين سياسي پارٽين تي حملا ٿيا، ڪيترن ئي هنڌن تي اليڪشن ڪميشن جي عملي تي به حملا ٿيا آهن.هن چيو ته هو ڪنهن به اهڙي تشدد جي مذمت ڪن ٿا جنهن سان چونڊ عمل کي نقصان پهچي.ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته هو پاڪستان ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊ عمل ڏسڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔